غلام عباس چانڊيو

غلام عباس چانڊيو

چانڊيو غلام عباس

چانڊيو، غلام عباس: غلام عباس چانڊيو ڳوٺ الله بخش چانڊيي، تعلقي سڪرنڊ، ضلعي نوابشاهه (هاڻوڪي ضلعي بينظيرآباد) ۾ 1960ع ڌاري ڄائو. سندس پيءُ خان چانڊيو'>پنهل خان چانڊيو پ پ پ جو نامور سياستدان ۽ ايم. آر. ڊي تحريڪ جو اهم ڪردار رهيو آهي. غلام عباس، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان سنڌيءَ ۾ ايم. اي ڪئي. سندس خانداني طور سياسي وابستگي پيپلز پارٽيءَ سان رهي. هن 1983ع ۾ جنرل ضياء الحق جي آمريت خلاف جمهوريت جي بحاليءَ واري تحريڪ (M.R.D) ۾ ڀرپور حصو ورتو. آسپاس جي ڳوٺن جي مشاورت سان 9 آڪٽوبر 1983ع تي بلدياتي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيائين. ايم. آر. ڊي دوران شهيد ٿيلن جي سوڳ ۾ هن وڏو جلوس ڪڍايو ۽ نيشنل هاءِ. وي تي شهيدن جي قرآن خواني ڪرائي. قرآن خوانيءَ دوران فوجين ماڻهن کي روڊ خالي ڪرڻ لاءِ چيو، پر هنن انڪار ڪيو. نتيجي طور فوجين جي فائرنگ ۾ 16 بيگناهه ڳوٺاڻا شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترا زخمي ٿيا، جن کي نوابشاهه فوجي ڪئمپ ۾ رکيو ويو. سندس والد پنهل خان چانڊئي کي گرفتار ڪري مٿس سخت تشدد ڪيو ويو. جنهن تشدد کان هو جانبر نه ٿي سگهيو.
غلام عباس چانڊيو 1988ع دوران پ پ پ ضلعي نوابشاهه جو صدر مقرر ٿيو. 1988ع ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي وزيراعظم هئڻ دوران سنڌ جي وزيراعليٰ جو صلاحڪار ٿيو. ان بعد 1990ع وارين چونڊن کان پوءِ ڄام صادق علي جي حڪومت دوران کيس جهاز اغوا ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو. 1993ع جي اليڪشن مهم دوران 5 جون 1993ع سڪرنڊ روڊ تي گاڏيءَ سان پيش آيل حادثي ۾ وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1993.06.05  عيسوي

غلام عباس چانڊيو 1993ع جي اليڪشن مهم دوران 5 جون 1993ع سڪرنڊ روڊ تي گاڏيءَ سان پيش آيل حادثي ۾ وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رياض شاهد
شمس الدين سومرو
اديب فيروز شاهي
ڄام آري:
جيوڻ شاهه سيد
قاضي سيف الدين
سمو غلام مصطفيٰ مشتاق
الهه بخش نظاماڻي
ڄام ’فيروزالدين‘ انڙ
راحت ڪاظمي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون